67 پوءِ اھي ھن جي منھن تي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ کيس ٺونشا ھنيائون. ڪن کيس چماٽون ھنيون
68 ۽ چيائون تہ ”اي مسيح! نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“
69 پطرس ٻاھر اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ ”تون بہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ ھئين.“
70 پر ھن انھن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“
71 پوءِ ھو ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ويو، جتي ٻي نوڪرياڻيءَ ھن کي ڏٺو ۽ اُتي بيٺل ماڻھن کي چيائين تہ ”ھي ماڻھو عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھو.“
72 پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“
73 ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”تون ضرور انھن مان ھڪڙو آھين، ڇالاءِجو جھڙي نموني تون ڳالھائين ٿو سو ٻڌائي ٿو تہ تون انھن مان آھين.“