4 ھن کين چيو تہ ”مون اھو گناھہ ڪيو آھي جو ھڪ بيگناھہ کي پڪڙايو اٿم.“ پر انھن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪھڙو واسطو؟ اھو تہ تنھنجو ئي ڪم آھي سو تون ئي ڄاڻ.“
5 يھوداہ اھي پيسا ھيڪل ۾ ڦٽا ڪري ھليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاھو ڏنائين.
6 پوءِ سردار ڪاھنن اھي سڪا کڻي چيو تہ ”ھي پيسا خون جي بھا آھي، تنھنڪري انھن پيسن کي ھيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آھي.“
7 سو ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انھن پيسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاھين.
8 اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينھن تائين اھا زمين ”رت جو ميدان“ سڏبي آھي.
9 اھڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿيو تہ ”انھن اھي ٽيھہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل سندس مُلھہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا ھئا.
10 پوءِ انھن اھي پيسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو ھو.“