45 منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.
46 ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“
47 جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“
48 انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
49 پر ٻين چيو تہ ”ترسو، ڏسون تہ الياس ھن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
50 عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
51 انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا.