48 انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
49 پر ٻين چيو تہ ”ترسو، ڏسون تہ الياس ھن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
50 عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
51 انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا.
52 قبرون ڦاٽي پيون ۽ ڪيترائي نيڪ ماڻھو جيڪي مري ويا ھئا سي جيئرا ٿي اٿيا.
53 اھي عيسيٰ جي ٻيھر جيئري ٿيڻ کان پوءِ قبرن مان ٻاھر نڪري اچي پاڪ شھر يروشلم ۾ داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کين ڏٺو.
54 فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچپچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“