54 فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچپچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“
55 اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون.
56 انھن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ ھئي.
57 جڏھن شام ٿي تہ ارمٿيا جو رھاڪو ھڪ شاھوڪار ماڻھو اتي اچي پھتو. ھن جو نالو يوسف ھو ۽ ھو بہ عيسيٰ جو شاگرد ٿيو ھو.
58 ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“
59 پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انھيءَ کي ھڪڙي اُچي صاف ڪفن ۾ ويڙھي،
60 اُن قبر ۾ رکيائين جيڪا ھن ٽڪر تي پنھنجي لاءِ تازو کوٽائي ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين ۽ پاڻ ھليو ويو.