1 سبت جي ڏينھن کان پوءِ جڏھن آچر جي صبح جي پرھہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏسڻ ويون.
2 ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو.
3 ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.
4 پھريدار کانئس اھڙا تہ ڊنا جو مُڙدن وانگر پئجي رھيا.