2 ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو.
3 ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.
4 پھريدار کانئس اھڙا تہ ڊنا جو مُڙدن وانگر پئجي رھيا.
5 انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو.
6 ھو ھتي ڪونھي، ڇالاءِجو جيئن ھن چيو ھو تيئن ئي ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي. ھيڏانھن اچو ۽ اھا جاءِ ڏسو جتي ھو پيل ھو.
7 ھاڻي جلدي وڃو ۽ وڃي ھن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي، اُتي اوھين کيس ڏسندا.‘ جيڪي مون اوھان کي ٻڌايو آھي سو وساري نہ ڇڏجو.“
8 سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون.