8 سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون.
9 اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون.
10 عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“
11 جڏھن عورتون پنھنجو رستو وٺي ويون پئي تہ ڪي پھريدار جن قبر تي پھرو پئي ڏنو، سي موٽي شھر ڏانھن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڀ اچي سردار ڪاھنن کي ٻڌايائون.
12 سردار ڪاھنن چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪئي ۽ سپاھين کي جھجھا پيسا رشوت ڏنائون، تہ جيئن
13 اھي چون تہ ”جڏھن رات جو اسين سمھيا پيا ھئاسين تڏھن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس ميت چورائي کڻي ويا.“
14 ھنن سپاھين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏھن اھا ڳالھہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻھي ھن کي سمجھائينداسين، سو اوھان کي ڪنھن بہ ڳالھہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“