1 انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻپٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ
2 ”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“
3 يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4 يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.