14 پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ تو کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ تون وري مون وٽ آيو آھين؟“
15 تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”فيالحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِجو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.
16 سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين.
17 پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“