4 يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.
5 ماڻھو ھن وٽ يروشلم کان، سڄي يھوديہ کان ۽ اردن درياءَ جي چوطرف وارن علائقن کان پئي آيا.
6 انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
7 يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟
8 اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچپچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي.
9 ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.
10 ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باھہ ۾ اڇلائبو.