1 پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي آيو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي.
2 جيئن تہ عيسيٰ چاليھہ ڏينھن ۽ چاليھہ راتيون روزي ۾ گذاريو ھو، تنھنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي ھئي.
3 سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“
4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“
5 پوءِ شيطان عيسيٰ کي پاڪ شھر يروشلم ۾ وٺي ويو. ھن کي ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري
6 چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ’خدا پنھنجن ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو،اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا،تہ جيئن تنھنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“