10 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
11 پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.
12 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.
13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.
14 اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ
15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقوجيڪو اردن جي پريان ڍنڍ واري پاسي،غير قومن وارو گليل آھي،
16 اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا،تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي.ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا،تن تي روشني ظاھر ٿي.“