12 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.
13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.
14 اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ
15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقوجيڪو اردن جي پريان ڍنڍ واري پاسي،غير قومن وارو گليل آھي،
16 اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا،تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي.ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا،تن تي روشني ظاھر ٿي.“
17 سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻتہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“
18 جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِجو ھو مھاڻا ھئا.