21 ھو اتان اڳڀرو ٿيو تہ ھن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا. اھي پنھنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رھيا ھئا. عيسيٰ انھن کي سڏيو،
22 تہ اھي بہ ھڪدم ٻيڙي ۽ پنھنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.
23 عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.
24 سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.
25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا.