8 وري شيطان عيسيٰ کي ھڪڙي اتانھين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاھتون ۽ سندن شان وَ شوڪت ڏيکاريائينس،
9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي ھي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏھن تون ھيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“
10 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
11 پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.
12 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.
13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.
14 اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ