1 جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.
2 ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ
3 ”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن،ڇالاءِجو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
4 سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.