متي 5:10-16 SCLNT

10 سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا،ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

11 سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن،

12 ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“

13 ”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو.

14 اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو.

15 ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ھو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي روشني پھچي ٿي.

16 ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“