2 ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ
3 ”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن،ڇالاءِجو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
4 سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.
5 سڀاڳا آھن اھي جيڪي تابعدار آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي زمين جو وارث ڪندو.
6 سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
7 سڀاڳا آھن اھي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا،ڇالاءِجو خدا انھن تي رحم ڪندو.
8 سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن،ڇالاءِجو اھي خدا کي ڏسندا.