متي 5:25-31 SCLNT

25 جيڪڏھن ڪو ماڻھو تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ۾ وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ان سان ٺاھہ ڪري ڇڏ، متان اھو فريادي تو کي جج جي حوالي ڪري ۽ جج تو کي سپاھيءَ جي حوالي ڪري ۽ تون جيل ۾ وڌو وڃين.

26 آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“

27 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’زنا نہ ڪر.‘

28 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.

29 جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.

30 جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“

31 ”اھو بہ چيو ويو ھو تہ ’جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انھيءَ کي طلاق⁠نامو بہ لکي ڏئي.‘