35 ۽ نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻتہ اھا خدا جي پيرن جي صندلي آھي. اوھين نڪي يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻتہ اھو وڏي بادشاھہ جو شھر آھي
36 ۽ نڪي وري پنھنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻتہ اوھين ھڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو.
37 پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“
38 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘
39 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.
40 جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.
41 جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ.