41 جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ.
42 جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“
43 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘
44 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،
45 تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِجو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو.
46 جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.
47 وري جيڪڏھن اوھين رڳو پنھنجن دوستن کي سلام ڪريو ٿا تہ اوھان ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇوتہ غير قومن وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.