11 اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.
12 اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر،جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.
13 اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ،پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘
14 ڇالاءِجو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.
15 پر جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا ڏوھہ نہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان جا ڏوھہ ڪين بخشيندو.“
16 ”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِجو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.
17 پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،