متي 6:14-20 SCLNT

14 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.

15 پر جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا ڏوھہ نہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان جا ڏوھہ ڪين بخشيندو.“

16 ”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.

17 پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،

18 تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“

19 ”اوھين پنھنجي لاءِ خزانو ھن دنيا ۾ گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباھہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ ھڻي چوري ڪن ٿا.

20 پر پنھنجو خزانو بھشت ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ کيس تباھہ ڪري سگھي ٿي ۽ نہ وري چور کاٽ ھڻي چورائي سگھن ٿا.