متي 6:25-31 SCLNT

25 تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟

26 پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين نہ لڻين ۽ نہ ان ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ انھن کي کارائي ٿو. ڇا توھين انھن کان وڌيڪ درجو نہ ٿا رکو؟

27 ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان ھڪڙو منٽ بہ حياتيءَ جو وڌائي سگھندو؟

28 اوھين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا اڀرن. اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين.

29 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو.

30 جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي!

31 سو اوھين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پھرينداسين؟‘