متي 6:4-10 SCLNT

4 تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“

5 ”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو.

6 پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.

7 اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.

8 سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي.

9 تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين،شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،

10 ۽ تنھنجي بادشاھت اچي.تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي،تيئن زمين تي بہ ٿئي.