8 سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِجو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي.
9 تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين،شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،
10 ۽ تنھنجي بادشاھت اچي.تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي،تيئن زمين تي بہ ٿئي.
11 اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.
12 اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر،جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.
13 اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ،پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘
14 ڇالاءِجو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.