15 ”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِجو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن.
16 اوھين انھن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا. ڇالاءِجو ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آھن ۽ نڪي اڪن مان انب.
17 اھڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو.
18 سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي ۽ نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو.
19 جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باھہ ۾ وجھبو آھي.
20 تنھنڪري اوھين انھن نبي سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“
21 ”جيڪي مون کي ’اي خداوند! اي خداوند!‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اھي داخل ٿيندا جيڪي منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب ھلن ٿا.