2 ڇالاءِجو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.
3 اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟
4 اوھين ڪيئن ڪنھن کي چئي سگھو ٿا تہ ’ادا، مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ اوھان جي اک ۾ شھتير پيل آھي؟
5 اي رياڪارو! اوھين پھريائين پنھنجي اک مان شھتير ڪڍو تہ پوءِ اوھين پنھنجي ڀاءُ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.
6 پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“
7 ”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ ۽ در کڙڪايو تہ کليوَ.
8 ڇالاءِجو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.