25 سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي.
26 ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.
27 جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“
28 پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“
29 عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“
30 تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“
31 پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.