متي 9:9-15 SCLNT

9 عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.

10 پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.

11 فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

12 عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي.

13 وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِ⁠جو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

14 پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“

15 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.