14 تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِجو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“
15 تڏھن مھمانن مان ھڪڙي اھي ڳالھيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آھي اُھو، جيڪو خدا جي بادشاھت ۾ ماني کائيندو.“
16 عيسيٰ ھن کي ٻڌايو تہ ”ڪنھن شخص ھڪ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي سڏ ڏنائين.
17 جڏھن ماني تيار ٿي ويئي تڏھن نوڪر کي موڪليائين تہ مھمانن کي چئُہ تہ اچن، جو ھاڻي ھر شيءِ تيار آھي.
18 پر اھي سڀ ھڪٻئي پٺيان بھانا ڪرڻ لڳا. پھرين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آھي ۽ مون کي اھا ضرور ڏسڻي آھي. سو مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘
19 ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آھن ۽ انھن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘
20 ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آھي، تنھنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘