لوقا 24 SCLNT

عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ

1 آچر جي ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ جو سوير اھي عورتون قبر تي آيون ۽ سرھاڻيون بہ پاڻ سان کڻي آيون، جيڪي انھن تيار ڪيون ھيون.

2 اچي ڏسن تہ مار! پٿر جيڪو قبر جي منھن تي ڏنل ھو، سو پاسي تي رڙھيو پيو آھي.

3 جڏھن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو ميت تہ آھي ئي ڪونہ.

4 اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.

5 تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟

6 ھو ھتي ڪونھي پر جيئرو ٿي اٿيو آھي. ياد اٿوَ تہ جڏھن ھو گليل ۾ ھو تڏھن اوھان کي ڇا چيو ھئائين تہ

7 ’اھو ضروري آھي تہ ابن⁠آدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“

8 تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا.

9 پوءِ ھنن قبر کان موٽي اچي يارھن شاگردن ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي اھي ڳالھيون ٻڌايائون.

10 اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.

11 پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو.

12 تنھن ھوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانھن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آھي. تڏھن جيڪو وھيو واپريو ھو تنھن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.

اِمائوس ڏانھن پنڌ

13 انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي شاگردن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارھن ڪلوميٽر کن پري ھو.

14 اھي ٿيل واقعن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا پئي ويا.

15 جيئن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيائون تہ عيسيٰ پاڻ اچي ساڻن گڏ پنڌ ھلڻ لڳو.

16 پر انھن جو اکيون ھن کي سڃاڻڻ لاءِ مُنڊيل ھيون.

17 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ ۾ ڪھڙين ڳالھين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنھن تي ھو غمگين ٿي بيھي رھيا.

18 انھن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اھڙو ماڻھو نہ آھين جنھن کي خبر ئي نہ آھي تہ اڄڪلھہ ھت يروشلم ۾ ڇا وھيو واپريو آھي؟“

19 تنھن تي ھن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اھي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالھيون، جيڪو خدا توڙي ساري خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي ھو.

20 اسان جي سردار ڪاھنن ۽ حاڪمن پڪڙايس تہ کيس موت جي سزا ملي ۽ کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻايائون.

21 اسان کي اميد ھئي تہ ھن جي ئي ھٿان بني اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ ھاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي.

22 اسان جي ڪن عورتن تہ ان وقت اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جڏھن اھي صبح جو سوير قبر تي ويون،

23 پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي.

24 اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“

25 تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بي⁠پرواھہ آھيو.

26 ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“

27 پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.

28 جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي.

29 پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو.

30 ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين.

31 ھاڻي انھن جون اکيون کليون ۽ عيسيٰ کي سڃاتائون، پر ھو انھن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو.

32 اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“

33 انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون،

34 جيڪي چون پيا تہ ”خداوند سچ⁠پچ جيئرو ٿيو آھي ۽ ھن شمعون کي ڏيکاري ڏني آھي.“

35 تنھن تي ھنن ٻنھي انھن کي اھو سربستو احوال ٻڌايو جيڪو رستي تي ٿي گذريو ھو ۽ اھو بہ تہ ڪيئن ھنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مھل سڃاتو ھو.

پنھنجن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

36 ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“

37 ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون.

38 پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟

39 منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِ⁠جو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“

40 ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا.

41 انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“

42 تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس،

43 جيڪو ھن انھن جي سامھون ويھي کاڌو.

44 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“

45 پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين

46 ۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،

47 ۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.

48 اوھين انھن ڳالھين جا شاھد آھيو.

49 ڏسو، آءٌ اوھان تي اھو موڪلڻ وارو آھيان، جنھن جو منھنجي پيءُ واعدو ڪيو آھي. پر جيستائين اوھان کي مٿان طاقت نہ عطا ٿئي تيستائين شھر ۾ رھجو.“

عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ

50 پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيت⁠عنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين.

51 جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو.

52 انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا

53 ۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24