1 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ڪنھن شاھوڪار وٽ ھڪڙو منشي ھوندو ھو. ڪن ماڻھن شاھوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنھنجي دولت اڏائي ٿو.‘
2 تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِجو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘
3 تڏھن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ مان ڇا ڪندس؟ ڇالاءِجو منھنجو مالڪ تہ مون کي منشگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر ھڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانھي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.
4 سو ھاڻي اھڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏھن منھنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻھو مون کي پنھنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘
5 سو ڇا ڪيائين جو شاھوڪار جي ھڪڙي ھڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پھرين کان پڇيائين تہ ’منھنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘
6 ھن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جون ھڪ سؤ سانداريون.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويھي پنھنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاھہ سانداريون لکي ڏي.‘
7 پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ ھن ورندي ڏني تہ ’ھڪ ھزار ٻوريون ڪڻڪ جون.‘ انھيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنھنجي رسيد کڻي اٺ سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘
8 جيئن تہ بيايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“
9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.
10 جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بيايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بيايمان ٿيندو.
11 جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟
12 جيڪڏھن اوھين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آھيو تہ اوھان جي ملڪيت اوھان کي ڪير ڏيندو؟
13 ڪوبہ نوڪر ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نہ ٿو سگھي، ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو. اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي ساڳئي وقت خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.“
14 فريسي جن کي دولت سان پيار ھو، سي عيسيٰ جون اھي ڳالھيون ٻڌي مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا.
15 تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِجو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“
16 ”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.
17 آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ آسان آھي، پر شريعت جو ھڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي.“
18 ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“
19 ”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.
20 ماڻھو لعزر نالي ھڪ ناسورن ورتل غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويھاري ويندا ھئا.
21 ھو چاھيندو ھو تہ شاھوڪار جي اوبر وارن ٽڪرن ۽ ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، پر وڏي مصيبت اھا ھئي جو ڪتا اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا ھئا.
22 جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.
23 ھو دوزخ جي عذابن ۾ مبتلا ھو تہ اکيون کڻي مٿي نھاريائين تہ پريان ابراھيم جي ڀر ۾ لعزر نظر آيس.
24 تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِجو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘
25 پر ابراھيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنھنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل ھيون، پر لعزر کي خراب شيون. ھاڻي ھو ھتي مزن ۾ آھي ۽ تون عذاب ۾ آھين.
26 تنھن کان سواءِ اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاھہ آھي، تنھنڪري جيڪي ھتان اوھان ڏانھن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوھان وٽان ڪو اسان ڏانھن اچي سگھندو.‘
27 شاھوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا بابا، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منھنجي پيءُ جي گھر موڪليو.
28 جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آھن، سو ھو انھن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اھي بہ ھن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.‘
29 تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘
30 پر شاھوڪار چيو تہ ’نہ بابا ابراھيم! جيڪڏھن ڪو مئلن مان انھن وٽ ويندو، تہ اھي توبھہ ڪندا.‘
31 ابراھيم چيس تہ ’جيڪڏھن ھو موسيٰ ۽ نبين جي نہ ٿا ٻڌن، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انھيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“