1 ھن کان پوءِ خداوند ٻاھتر ڄڻا ٻيا بہ مقرر ڪيا، جيڪي ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ ھر انھيءَ شھر ۽ جاءِ تي اڳ ۾ ويا جتي کيس پاڻ وڃڻو ھو.
2 انھن کي چيائين تہ ”فصل بلڪل ڀلو آھي، پر لڻندڙ ٿورا آھن. تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو موڪلي.
3 وڃو، آءٌ اوھان گھيٽن کي ڄڻ تہ بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان.
4 اوھين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٻاچڪو يا جتي نہ کڻجو ۽ نہ ڪنھن کي واٽ تي سلام ئي ڪجو.
5 جنھن گھر ۾ وڃو تہ پھريائين انھيءَ گھر جي سلامتي گھرجو.
6 جيڪڏھن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب ھوندو تہ اوھان جو سلام مٿس رھندو، نہتہ موٽي اوھان وٽ ايندو.
7 پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.
8 جنھن جنھن شھر ۾ وڃو ۽ جي اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول ڪن تہ جيڪي ڪجھہ اھي اوھان کي آڻي ڏين سو کائجو.
9 جيڪي ان شھر ۾ بيمار ھجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻھن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘
10 پر جيڪڏھن ڪنھن شھر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي گھٽين ۾ نڪري ھيئن چئجو تہ
11 ’اوھان جي شھر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي ھئي، سا بہ ڇنڊي وڃون ٿا، پر ھي بہ ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘
12 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندو.
13 افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيتصيدا! ڇالاءِجو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا.
14 پر آخرت جي ڏينھن صور ۽ صيدا کان وڌيڪ اوھين ڀوڳيندا.
15 اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ ھرگز نہ، بلڪ تون تہ پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين.“
16 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“
17 پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“
18 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.
19 ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.
20 انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“
21 انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِجو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“
22 ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“
23 پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.
24 ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
25 تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“
26 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آھي؟ تون پڙھڻ وقت ڇا ٿو سمجھين؟“
27 ھن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان، پنھنجي سڄيءَ طاقت ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘“
28 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تو پورو جواب ڏنو آھي. ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“
29 پر ھن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي چيو تہ ”منھنجو پاڙيسري ڪير آھي؟“
30 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھڪڙو ماڻھو يروشلم کان يريحو شھر ڏانھن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاھي ورتس ۽ مار بہ ڏنائونس ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.
31 اتفاق سان ھڪڙو ڪاھن انھيءَ رستي سان پئي ويو ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري ھليو ويو.
32 اھڙيءَ طرح ھڪڙو لاوي بہ انھيءَ رستي تان آيو، سو بہ ھن کي ڏسي پاسو ڪري ھليو ويو.
33 پر ھڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏھن ھن کي ڏٺو تڏھن کيس ھن تي ڪھل آئي.
34 ھن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنھنجي وھٽ تي چاڙھي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين.
35 ٻئي ڏينھن تي ٻہ چانديءَ جا سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’ھن جي خدمت ڪندو رھہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“
36 عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”ھاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اھو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنھن جو ھنن ٽنھي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟“
37 تنھن تي شريعت جي عالم وراڻيو تہ ”اھو جنھن کي مٿس ڪھل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“
38 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جيئن ئي رستو وٺيو پئي ويا تہ ھو ھڪڙي ڳوٺ ۾ پھتا، جتي مارٿا نالي ھڪڙي عورت کيس پنھنجي گھر ۾ آڻي ٽڪايو.
39 ان عورت جي مريم نالي ھڪ ڀيڻ ھئي، جنھن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھي سندس ڪلام ويٺي ٻڌو.
40 مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي ۽ اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي خداوند! اوھان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منھنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آھي؟ ھاڻي چئوس تہ منھنجي مدد ڪري.“
41 پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين.
42 پر رڳو ھڪڙي ئي ڳالھہ ضروري آھي. مريم اھا چڱي ڳالھہ چونڊي کنئي آھي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“