لوقا 5 SCLNT

پھريان شاگرد سڏڻ

1 ھڪڙي دفعي جڏھن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو ھو تہ ماڻھن جا ميڙ مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا، انھيءَ لاءِ تہ خدا جو ڪلام ٻڌن.

2 تڏھن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ھن ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون. مھاڻن ٻيڙين مان لھي پنھنجا ڄار پئي ڌوتا.

3 عيسيٰ انھن مان ھڪڙيءَ ۾ چڙھي پيو، جيڪا شمعون جي ھئي. ھن شمعون کي ڪنڌيءَ کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي ھن ميڙ کي تعليم ڏني.

4 جڏھن عيسيٰ ڳالھائي بس ڪئي تڏھن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونھي پاڻيءَ ۾ ڪاھي ھل ۽ اتي اوھين شڪار لاءِ پنھنجا ڄار وجھو.“

5 تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“

6 انھن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن.

7 تنھن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي ھئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. ھو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون.

8 جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“

9 شمعون سان گڏوگڏ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا.

10 انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“

11 اھي ٻيڙين کي ڌڪي ڪنڌيءَ تي ڪاھي ويا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھليا.

ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ

12 ھڪ دفعي عيسيٰ ڪنھن شھر ۾ ويو جتي ھڪ ماڻھو ڪوڙھہ جھڙي مرض سان ورتل ھو. ھن جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منھن ڀر ڪري نيزاري ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

13 عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ ان کي لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم سندس ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.

14 پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“

15 عيسيٰ بابت اھي ڳالھيون ھنڌين ماڳين ھُلي ويون ۽ ماڻھن جا وڏا ميڙ اچي مڙيا تہ ھن جي تعليم ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين.

16 پر ھو پرڀرو ٻاھر اڪيلائيءَ ۾ ويندو ھو ۽ اتي وڃي دعا گھرندو ھو.

اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ

17 ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي.

18 ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن.

19 پر ميڙ جي ڪري انھن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنھنڪري ھو ڪوٺي تي چڙھي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس ھيٺ ماڻھن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون.

20 جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

21 تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“

22 عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟

23 ڇا ھي سولو آھي تہ ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ تو کي بخش ٿيا،‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر؟‘

24 پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

25 تنھن تي ھڪدم ھو انھن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنھن کٽولي تي پيل ھو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانھن راھي ٿيو.

26 ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“

لاويءَ کي سڏڻ

27 ھن کان پوءِ عيسيٰ ٻاھر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ ھڪڙو لاويءَ نالي محصول اڳاڙيندڙ پنھنجي اڏي تي ويٺو آھي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

28 لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.

29 پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا.

30 ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“

31 تنھن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ بلڪ بيمارن کي طبيب جي گھرج ھوندي آھي.

32 آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

روزن بابت سوال

33 ڪن ماڻھن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آھن. پر تنھنجا شاگرد تہ کائين پيئن ٿا.“

34 عيسيٰ وراڻين تہ ”جيسين گھوٽ ڄاڃين سان آھي، تيسين اوھين انھن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟

35 پر ڪو وقت ايندو جڏھن کانئن گھوٽ جدا ڪيو ويندو تہ انھن ڏينھن ۾ ھو بہ روزا رکندا.“

36 عيسيٰ انھن کي ھي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻھو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو ھڻي. جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ھو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اھو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو.

37 ڪوبہ ماڻھو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇوتہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي، پوءِ تہ مئي بہ ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا.

38 پر تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي.

39 پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آھي.‘“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24