1 ايتري ۾ ھزارين ماڻھن جا ميڙ اچي مڙيا، جيڪي ھڪٻئي تي ڳاھٽ پئي ٿيا. تڏھن عيسيٰ خاص طرح پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”فريسين جو خميرو، جيڪو رياڪاري آھي، تنھن کان ھوشيار ٿجو.
2 ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي. ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي.
3 پوءِ تہ اوھان جيڪو اونداھيءَ ۾ ڳالھايو آھي سو روز روشن ۾ ٻڌبو ۽ جيڪا بند ڪمرن ۾ ماڻھن جي ڪنن ۾ سسپس ڪئي اٿوَ سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“
4 ”آءٌ اوھان پنھنجن دوستن کي چوان ٿو تہ جيڪي جسماني طور ٿا مارين، تن کان نہ ڊڄو. ھو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.
5 پر آءٌ اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ جھنم ۾ وجھڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. سو بس انھيءَ کان ئي ڊڄندا رھو.
6 ٻن ننڍڙن سڪن جون پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ مگر انھن مان ڪابہ خدا کان وسريل نہ آھي.
7 پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻتہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“
8 ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابنآدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.
9 پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي خدا جي ملائڪن جي اڳيان بہ قبول نہ ڪيو ويندو.
10 جيڪوبہ ابنآدم جي خلاف ڪا ڳالھہ چوندو تہ ان کي اھا بخشي ويندي. پر جيڪو ماڻھو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اھو نہ بخشيو ويندو.
11 جڏھن اھي اوھان کي عبادتخانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏھن متان ڳڻتي ڪئي اٿوَ تہ ’ڪيئن ۽ ڪھڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون.‘
12 ڇالاءِجو ان وقت پاڪ روح اوھان کي اھو ڪي سيکاريندو جيڪو اوھان کي چوڻ کپي.“
13 ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ چيس تہ ”اي استاد! منھنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منھنجو حصو مون کي ورھائي ڏئي.“
14 پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“
15 پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِجو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“
16 تڏھن عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنھن زميندار جي ٻنيءَ سٺو فصل ڏنو.
17 سو ھو دل ۾ پھہ پچائڻ لڳو تہ ’ھاڻي ڇا ڪريان؟ اھا جاءِ ڪانھي جتي کڻي پنھنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘
18 آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ ھيئن ڪندس جو ھي ڀانڊا ڊھرائي وڏا ڪري ٺھرائيندس ۽ انھن ۾ سمورو اَنُ ۽ مال گڏ ڪري رکندس،
19 ۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو گھڻو مال آھي جو ڪيترائي سال پيو ھلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيان ۽ موجون ماڻيان.‘
20 پر خدا چيس تہ ’اي بيوقوف! اڄوڪي رات ئي تنھنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿئي سو ڪنھن جو ٿيندو؟‘“
21 عيسيٰ ان جو نتيجو ھيئن ڪڍيو تہ ”اھو ماڻھو اھڙو آھي جيڪو ڌن دولت پنھنجي لاءِ تہ ميڙي ٿو، پر خدا جي آڏو شاھوڪار نہ آھي.“
22 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پھرينداسين.‘
23 ڇاڪاڻتہ جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ درجو رکن ٿا.
24 ڪانوَن تي غور ڪريو تہ ھو نڪي پوکين، نڪي لڻين ۽ نڪي انھن کي اَنَ جا ڀانڊا يا گودام آھن، تڏھن بہ خدا انھن کي کارائي ٿو. پر اوھين تہ انھن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.
25 ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان حياتيءَ جو ھڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟
26 جيڪڏھن اوھان کان اھڙي خسيس ڳالھہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوھين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟
27 غور ڪريو تہ ڪيئن نہ سوسن گل جا ٻوٽا ٿا اڀرن، اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي عزت ۽ شان وَ شوڪت جي، انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو.
28 جيڪڏھن جھنگلي گاھہ، جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي خدا ائين پھرائي ٿو تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.
29 اوھين ھن لاءِ خيال نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ ’ڇا پيئنداسين‘ ۽ ھن بابت اوھان کي ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ نہ گھرجي.
30 دنيا جون قومون انھن سڀني شين جون ڳولائو آھن. پر اوھان لاءِ اوھان جو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڪھڙين شين جي ضرورت آھي.
31 سو اوھين پھريائين خدا جي بادشاھت جي ڳولا ۾ رھو تہ اوھان کي اھي سڀ شيون بہ ملنديون.“
32 ”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻتہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.
33 جيڪي اٿوَ، سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنھنجي لاءِ اھڙيون ڳوٿريون ٺاھيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني بھشت ۾ پنھنجي لاءِ اھڙو خزانو گڏ ڪريو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجھو اچيس ۽ نہ ڪينئون ٽڪي خراب ڪريس.
34 ڇالاءِجو جتي اوھان جو خزانو ھوندو، تہ دل بہ اوھان جي اتي ئي ھوندي.“
35 ”پنھنجا سندرا ٻڌل ۽ پنھنجا ڏيئا ٻريل رکو.
36 اوھين پاڻ کي انھن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنھنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نھارين تہ جڏھن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ ھڪدم ھن لاءِ در کولين.
37 سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.
38 سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پھر اچي تہ بہ انھن کي سجاڳ ڏسي، تہ اھي نوڪر ڪھڙا نہ سڀاڳا آھن.
39 پر اھو ياد رکو تہ جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور ڪيڏيءَ مھل سندس گھر کي کاٽ ھڻندو تہ ھو جيڪر جاڳندو رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ھا.
40 تنھنڪري اوھين بہ تيار رھو، ڇوتہ اھا گھڙي الائجي ڪھڙي ھوندي جنھن ۾ ابنآدم اچي سھڙندو.“
41 پطرس کيس چيو تہ ”اي خداوند! ھي مثال تون اسان لاءِ ٿو ڏئين يا سڀني لاءِ؟“
42 خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟
43 سڀاڳو آھي اھو نوڪر، جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي.
44 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.
45 پر جيڪڏھن اھو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ بيخبر ٿيڻ لڳي،
46 تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بيايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس.
47 اھو نوڪر جيڪو پنھنجي مالڪ جي ارادي کان باخبر ھو، پر تياري نہ ڪيائين ۽ نڪي ھن جي مرضيءَ موجب ھليو، تنھن کي ڏاڍي مار ملندي.
48 پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“
49 ”آءٌ زمين تي باھہ لڳائڻ لاءِ آيس. ڪھڙو نہ چڱو ٿئي ھا جو اھا اڳ ۾ ئي لڳل ھجي ھا.
50 پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان.
51 ڇا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان؟ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان.
52 اڄ کان وٺي جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ پنج ڀاتي ھوندا تہ انھن مان ٽي ھڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻي طرف.
53 پيءُ پٽ جي خلاف ٿيندو تہ پٽ پيءُ جي، ماءُ ڌيءَ جي خلاف ٿيندي تہ ڌيءَ ماءُ جي، سس نُنھن جي خلاف ٿيندي تہ نُنھن سس جي.“
54 عيسيٰ ميڙ کي چيو تہ ”جڏھن اولھہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ ھڪدم چئو ٿا تہ ’مينھن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو.
55 جڏھن ڏکڻ گھلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونھارو اچڻ وارو آھي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو.
56 اي رياڪارو! اوھين زمين ۽ آسمان جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ ھن زماني کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟“
57 ”جيڪو حق آھي تنھن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟
58 جيڪڏھن ڪو فريادي تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ڏانھن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ڪوشش ڪري ساڻس ٺاھہ ڪر، متان ھو تو کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج تو کي پوليس جي حوالي ڪري ۽ پوليس تو کي جيل ۾ وجھي.
59 آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندين تيستائين جند نہ ڇٽندءِ.“