1 انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪمنامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي.
2 اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي.
3 تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي پنھنجي شھر ۾ پنھنجو نالو لکائڻ ويو.
4 يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيتلحم چون ٿا.
5 ھو انھيءَ لاءِ ويو تہ پنھنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي جا پيٽ سان ھئي.
6 جڏھن ھو بيتلحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو.
7 ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻتہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.
8 انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي،
9 تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا.
10 تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِجو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي.
11 ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي.
12 انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“
13 اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ
14 ”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“
15 جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيتلحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“
16 تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون.
17 ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون.
18 جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا.
19 مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي.
20 ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنھن تي خدا جي ساراھہ ۽ واکاڻ ڪندي موٽيا، ڇالاءِجو اھو ائين ئي ھو جيئن انھن کي ٻڌايو ويو ھو.
21 اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.
22 جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا.
23 خداوند جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”ھر ڪو پھريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“
24 سو اھي خداوند جي شريعت جي فرضن موجب قرباني پيش ڪرڻ آيا، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر ھجن.“
25 تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،
26 جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“
27 پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُپيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا
28 تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ
29 ”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کيپنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل.
30 ڇالاءِجو منھنجين اکينتنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي،
31 جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي،
32 يعني غير قومن لاءِتنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“
33 ٻار جا ماءُپيءُ حيران ھئا تہ انھيءَ بابت ڇا ڇا نہ پيو چئجي!
34 شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا،
35 جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“
36 آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي
37 ۽ پوءِ رنزال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي.
38 سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.
39 عيسيٰ جي ماءُپيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا.
40 ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.
41 عيسيٰ جا ماءُپيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا.
42 جڏھن عيسيٰ ٻارھن سالن جو ٿيو تہ اھي دستور موجب عيد فصح تي ويا.
43 جڏھن عيد جا ڏينھن پورا ٿيا تہ ھو گھر ڏانھن موٽڻ لڳا. پر ڇوڪرو عيسيٰ يروشلم ۾ رھجي وين ۽ سندس ماءُپيءُ کي خبر نہ ھئي.
44 انھن سمجھيو پئي تہ ھو قافلي سان آھي، سو انھن سڄو ڏينھن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون.
45 جڏھن انھن کيس نہ لڌو تہ ھو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا.
46 ٽئين ڏينھن تي ھنن عيسيٰ کي ھيڪل ۾ لڌو، جتي ھو يھودين جي عالمن سان ويٺو ھو ۽ انھن جي ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.
47 جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين.
48 جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُپيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“
49 تنھن تي ھن انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ رھڻ کپي؟“
50 پر اھي ھن جي ڳالھہ سمجھي نہ سگھيا.
51 پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون.
52 عيسيٰ قد ۽ سياڻپ سان گڏوگڏ خدا ۽ ماڻھن جي مقبوليت ۾ بہ وڌندو ويو.