لوقا 22 SCLNT

عيسيٰ خلاف سازش

1 ھاڻي بي⁠خميري مانيءَ جي عيد، جنھن کي عيد فصح بہ چون ٿا سا ويجھي آئي.

2 سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ چپ چاپ ۾ عيسيٰ کي مارائي ڇڏين، ڇوتہ اھي خلق کان بہ ڊنا ٿي.

3 تڏھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙي يھوداہ، جنھن کي اسڪريوتي بہ چوندا ھئا، تنھن جي دل ۾ اچي شيطان گھڙيو.

4 ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.

5 تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون.

6 ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

عيد فصح جي تياري

7 بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جو اھو ڏينھن آيو جنھن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري ھئي.

8 تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“

9 ھنن کانئس پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟“

10 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڏسو، شھر ۾ گھڙڻ سان اوھان کي ھڪڙو ماڻھو ملندو جيڪو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، تنھن جي پٺيان وڃجو. جنھن گھر ۾ اھو وڃي تہ اوھين بہ پٺيان وڃجوس.

11 اوھين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’اوطاق ڪٿي آھي جتي استاد پنھنجن شاگردن سان گڏ عيد فصح کائي.‘

12 ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين تياري ڪجو.“

13 پوءِ ھو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون ائين ئي ھر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.

آخري دفعو شاگردن سان گڏ کائڻ

14 جڏھن اھا گھڙي اچي پھتي تہ ھو رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو.

15 انھن کي چيائين تہ ”منھنجي دل ڏاڍو ٿي چاھيو تہ آءٌ ڏکن سھڻ کان اڳ ۾ اوھان سان گڏجي ھي عيد فصح کاوان.

16 ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اھا نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ انھيءَ جو پورو مطلب نہ نڪري.“

17 پوءِ عيسيٰ پيالو کڻي خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، ھي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورھايو.

18 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ ھي مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت نہ ايندي.“

19 پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ ھنن کي ڏيندي چيائين تہ ”ھيءُ منھنجو بدن آھي، جو اوھان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوھين بہ منھنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رھجو.“

20 ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”ھيءُ پيالو خدا جو نئون عھد آھي، جيڪو منھنجي رت جي وسيلي قائم ڪيو ويو آھي. اھو رت اوھان جي لاءِ وھائجي ٿو.

21 پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آھي.

22 ابن⁠آدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“

23 تنھن تي شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اھو ڪير آھي جيڪو ھھڙو ڪم ڪندو؟“

وڏائپ تي تڪرار

24 شاگردن ۾ اھو بہ تڪرار پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“

25 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاھہ مٿن حڪم ٿا ھلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آھي، سي ماڻھن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا.

26 پر ھي اوھان سان لاڳو نہ آھي. اوھان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي نوڪر وانگر ٿيڻ کپي.

27 وڏو ڪير آھي، ڇا اھو جيڪو کائڻ ٿو ويھي يا جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اھو نہ آھي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آءٌ اوھان منجھہ ائين آھيان جيئن ڪو خدمتگار.

28 اوھين اھي آھيو جيڪي مون سان منھنجي سڀني آزمائشن ۾ گڏ رھيا آھيو،

29 ۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان.

30 اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“

پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي

31 ”شمعون! شمعون! ڏس، شيطان اوھان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آھي، تہ جيئن اوھان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاھہ وانگر ڳاھي، اَنَ ۽ بُھہ وانگر جدا جدا ڪري.

32 پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“

33 پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“

34 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“

ڳوٿري، ٻاچڪو ۽ تلوار

35 عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“

36 تڏھن عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي جنھن کي بہ ڳوٿري ھجي تہ اھا کڻي، جنھن کي بہ ٻاچڪو ھجي تہ اھو کڻي ۽ جنھن کي بہ تلوار نہ ھجي تہ اھو پنھنجو پھراڻ وڪڻي بہ اھا خريد ڪري.

37 ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“

38 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! اِجھو، ھي ٻہ تلوارون آھن.“ ھن چيو تہ ”بس، بس.“

زيتون جي ٽڪر تي دعا گھرڻ

39 پوءِ ھو ٻاھر نڪري پنھنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر تي ويو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا.

40 جڏھن ھو انھيءَ جاءِ تي پھتو تہ انھن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوھين آزمائش ۾ نہ پئو.“

41 پوءِ ھو پاڻ انھن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ

42 ”اي بابا! جيڪڏھن تون چاھين تہ ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ، پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“

43 ايتري ۾ آسمان مان ھڪڙو ملائڪ ھن جي حمايت ۾ نازل ٿيو.

44 ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا.

45 جڏھن ھو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانھن موٽي آيو تڏھن ڏٺائين تہ ھو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آھن.

46 ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“

عيسيٰ جو جھلجڻ

47 اڃا عيسيٰ ڳالھايو ئي پئي تہ ماڻھن جو ھڪڙو ٽولو اچي پھتو، جنھن جي اڳيان ٻارھن شاگردن مان اھو ھو جنھن کي يھوداہ ڪري سڏيندا ھئا. ھن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني.

48 پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يھوداہ! تون چمي ڏيئي ابن⁠آدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“

49 عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد ھئا تن جڏھن ھي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار ھلايون ڇا؟“

50 انھن مان ھڪڙي تہ ڌڪ ھڻي سردار ڪاھن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو.

51 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.

52 سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.

53 آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“

پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار

54 انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.

55 جڏھن ھو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا، تڏھن پطرس بہ گڏجي انھن سان اچي ويٺو.

56 ايتري ۾ ھڪڙي نوڪرياڻيءَ ھن کي باھہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”ھي ماڻھو بہ ھن سان گڏ ھو.“

57 پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“

58 گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انھن مان آھين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اھو آءٌ نہ آھيان.“

59 ڪلاڪ کن کان پوءِ ھڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”لاشڪ، ھي ماڻھو بہ تہ عيسيٰ سان ھو، ڇوتہ ھي بہ گليلي آھي.“

60 پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوھين ڇا ٿا چئو.“ ھو اڃا ڳالھائي ئي پيو تہ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

61 خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“

62 پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ وڃي ززاروزار روئڻ لڳو.

عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ

63 جن ماڻھن عيسيٰ تي پھرو پئي ڏنو، تن مٿس چٿرون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي ھنيائونس.

64 سندس اکيون ٻڌي منھن تي چمٽون ھڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“

65 انھن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالھايو.

عيسيٰ ڪائونسل اڳيان

66 جڏھن ڏينھن ٿيو تہ يھودين جا بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انھن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو.

67 انھن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آھين؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏھن آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ اوھين اعتبار ئي نہ ڪندا،

68 ۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کان سوال پڇان تہ اوھين جواب ئي نہ ڏيندا.

69 پر ھن کان پوءِ ابن⁠آدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويھندو.“

70 انھن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آھين ڇا؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”اوھين پاڻ چئو ٿا تہ آءٌ آھيان.“

71 تنھن تي انھن چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ ڪنھن بہ شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آھي.“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24