1 ھڪڙي ڏينھن جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي ھيڪل ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.
2 ھنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“
3 عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ توھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان.
4 مون کي ٻڌايو تہ ڇا يحيٰ جي بپتسما خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“
5 تڏھن اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ توھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘
6 پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇالاءِجو ھنن کي پڪ آھي تہ يحيٰ نبي ھو.“
7 تڏھن ھنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي تہ ڪنھن جي طرفان ھئي.“
8 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ اوھان کي ڪين ٻڌائيندس تہ آءٌ ڪنھن جي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.“
9 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ انگورن جو باغ لڳايو. باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڳچ وقت ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.
10 جڏھن فصل جي لھڻ جي مند آئي تہ ھڪڙي نوڪر کي باغائين ڏانھن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين ھن کي مار ڏيئي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو.
11 تنھن تي ھن ٻيو نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي ھٿين موڪلي ڇڏيو.
12 تڏھن ھن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن زخمي ڪري ڌڪا ڏيئي ڪڍيو.
13 تنھن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’ڪريان تہ ڪريان ڇا؟ پوءِ ڀلا، پنھنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اھي ھن جي عزت ڪن.‘
14 پر جڏھن باغائين انھيءَ کي ڏٺو، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، ڇو نہ ھن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘
15 پوءِ ھن کي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس. ھاڻي باغ جو مالڪ انھن کي ڇا ڪندو؟
16 ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“
17 عيسيٰ انھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”ھي جيڪي لکيل آھي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي؟’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘
18 جيڪوبہ ان پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي ھو چور چور ڪري ڇڏيندو.“
19 شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻتہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.
20 پوءِ ھو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اھي سچار بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.
21 انھن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي توھين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آھي ۽ توھين ڪنھن جي بہ پاسخاطري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوھين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو.
22 ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“
23 عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ
24 ”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انھيءَ تي ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“
25 ھنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“
26 ھو ماڻھن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انھيءَ جواب تي ھو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
27 پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ قيامت آھي ئي ڪانہ، سي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون
28 تہ ”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آھي تہ ’جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ رياولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ ھن جي زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.‘
29 ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين شادي ڪئي ۽ رياولاد مري ويو
30 تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اھو بہ مري ويو.
31 ٽئين بہ انھيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اھڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي رياولاد مري ويا.
32 سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اھا عورت بہ مري ويئي.
33 ھاڻي قيامت جي ڏينھن انھن مان اھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِجو ست ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“
34 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو پرڻبا ۽ پرڻائبا آھن،
35 پر جيڪي انھيءَ لائق آھن تہ آخرت ۾ جيئرا ٿي اٿن ۽ انھيءَ زماني ۾ رھن، سي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻايا ويندا.
36 ڇالاءِجو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻتہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن.
37 مُڙدن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اھڙو اشارو ڏنو آھي. تنھنڪري ئي ھو خداوند کي ’ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.
38 سو ھاڻي ھو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آھي، ڇالاءِجو سڀيئي ھن جي اڳيان جيئرا آھن.“
39 تڏھن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! توھان صحيح ڳالھہ ڪئي آھي.“
40 ڇالاءِجو ھنن ۾ ھمت ئي ڪانہ رھي ھئي جو کانئس وڌيڪ سوال پڇن.
41 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو اولاد آھي؟
42 ڇاڪاڻتہ دائود خود زبور ۾ چيو آھي تہ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،
43 جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان .“‘
44 سو جڏھن دائود ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي تہ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“
45 سڀني ماڻھن جي روبرو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ
46 ”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اھي چاھين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين. اھي عبادتخاني ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين.
47 اھي رننزالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي وڌيڪ سزا ملندي.“