لوقا 15 SCLNT

وڃايل رڍ جو مثال

1 ھڪ دفعي ڪيترائي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار ماڻھو عيسيٰ جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا.

2 تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“

3 تنھن تي عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ

4 ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪڙي گم ٿي وڃينس تہ ھو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا ھو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي، ان ھڪڙيءَ جي پٺيان نہ رلندو جيستائين اھا نہ لڀيس؟

5 پوءِ جڏھن ھو اھا لھي ٿو تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انھيءَ کي ڪلھن تي ٿو کڻي.

6 ھو جڏھن گھر پھچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي وڃايل رڍ لڌي آھي.‘

7 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“

وڃايل سڪي جو مثال

8 ”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي.

9 جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘

10 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“

وڃايل پٽ جو مثال

11 عيسيٰ ھيئن بہ چيو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا،

12 جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منھنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو ھن پنھنجي ملڪيت ٻنھي پٽن کي ورھائي ڏني.

13 اڃا ڪي ڏينھن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنھنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنھن ڏورانھين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنھنجي سموري ملڪيت اڏائي ڇڏيائين.

14 جڏھن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏھن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ھو بک مرڻ لڳو.

15 انھيءَ ملڪ جي ھڪڙي ماڻھوءَ وٽ نوڪر ٿي بيھڻ لاءِ ويو جنھن کيس پنھنجن ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو.

16 ھو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار ھو، پر اھو بہ ڪنھن نہ ٿي ڏنس.

17 آخرڪار ھن پاڻ سنڀاليو ۽ پنھنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منھنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رھن، پر آءٌ ھتي بک پيو مران.

18 آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندم تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان،

19 ۽ ھاڻي انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان. مون کي پنھنجو ھڪڙو نوڪر سمجھي بيھاريو.“‘

20 سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.

21 تڏھن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان ۽ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان.‘

22 پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.

23 ھڪڙو ٿلھو متارو وھڙو آڻي ڪھو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملھايون،

24 ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.

25 انھيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل ھو سو موٽي آيو. جڏھن گھر جي ويجھو پھتو تڏھن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين.

26 تڏھن ھڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’ھي ڇا پيو ٿئي؟‘

27 تنھن تي نوڪر چيس تہ ’تنھنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو، تنھنڪري تنھنجي پيءُ ٿلھو متارو وھڙو ڪھايو آھي.‘

28 تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.

29 پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان.

30 پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘

31 تنھن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ ھميشہ مون سان گڏ آھين ۽ جيڪي منھنجو آھي سو سڀ تنھنجو ئي آھي.

32 پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24