لوقا 14 SCLNT

جلندر جي بيمار کي شفا ڏيڻ

1 ھڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي فريسين جي اڳواڻن مان ھڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو ۽ ھنن کيس چتائي چتائي پئي ڏٺو.

2 سندس اڳيان ھڪڙو ماڻھو بيٺو ھو، جنھن کي جلندر جي بيماري ھئي.

3 عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“

4 پر اھي ماٺ ۾ رھيا. تڏھن عيسيٰ ان ماڻھوءَ کي ھٿ لاتو ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو.

5 پوءِ ھنن کي چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينھن کوھہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوھين کيس جلدي ٻاھر ڪڍندءُ يا نہ؟“

6 پر اھي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.

مھمان⁠نوازي ۽ نِوڙت

7 جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ

8 ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس.

9 پوءِ جنھن اوھان ٻنھي کي شاديءَ جي دعوت ڏني ھجي، اھو تو وٽ اچي چوي تہ ’تون ھن ماڻھوءَ کي جاءِ ڏي،‘ تہ تو کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي ويھڻو پوندو.

10 پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين.

11 ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

12 پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻ⁠تہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين.

13 پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج،

14 تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِ⁠جو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“

وڏي دعوت جو مثال

15 تڏھن مھمانن مان ھڪڙي اھي ڳالھيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آھي اُھو، جيڪو خدا جي بادشاھت ۾ ماني کائيندو.“

16 عيسيٰ ھن کي ٻڌايو تہ ”ڪنھن شخص ھڪ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي سڏ ڏنائين.

17 جڏھن ماني تيار ٿي ويئي تڏھن نوڪر کي موڪليائين تہ مھمانن کي چئُہ تہ اچن، جو ھاڻي ھر شيءِ تيار آھي.

18 پر اھي سڀ ھڪٻئي پٺيان بھانا ڪرڻ لڳا. پھرين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آھي ۽ مون کي اھا ضرور ڏسڻي آھي. سو مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

19 ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آھن ۽ انھن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

20 ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آھي، تنھنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘

21 نوڪر موٽي اچي اھي سڀيئي ڳالھيون پنھنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شھر جي گھٽين ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘

22 نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوھان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آھي.‘

23 تنھن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻھن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منھنجو گھر ڀرجي وڃي،

24 ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جن کي دعوت جو سڏ ڏنو ويو ھو انھن مان ڪوبہ شخص منھنجي ماني ڪين چکندو.‘“

شاگرد بڻجڻ جا شرط

25 ماڻھن جا وڏا ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي ھليا. ھن ڦري کين چيو تہ

26 ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.

27 جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو اچي سو منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.

28 اوھان مان جيڪو منارو ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو پھريائين ان خرچ جو ويھي اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ انھيءَ وٽ ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پيسو آھي يا نہ؟

29 ڇالاءِ⁠جو ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙھہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي تڏھن ڏسندڙ ٺٺوليون ڪري چونس تہ

30 ’ھن يار، اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘

31 يا اھو ڪھڙو بادشاھہ آھي جو جيڪڏھن ٻئي ڪنھن بادشاھہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پھريائين ويھي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منھنجو ھي ڏھن ھزارن جو لشڪر، انھن ويھہ ھزار چڙھائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘

32 ٻيءَ صورت ۾ ڪاھہ ڪندڙ اڃا پري ئي ھوندو تہ ھن ڏانھن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس.

33 سو اھڙيءَ طرح اوھان مان جنھن وٽ جو ڪجھہ آھي سو جيستائين اھو سڀ ڪجھہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“

بي⁠سوادي لوڻ

34 ”لوڻ تہ چڱو آھي، پر جيڪڏھن خود لوڻ مان ئي سواد نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان سوادي ڪجي؟

35 پوءِ تہ اھو نہ زمين جي ڪم جو ٿيو، نہ ڀاڻ ۾ ئي ڪم آيو، بلڪ اھو کڻي ٻاھر اڇلايو ويو. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24