1 ان مھل ڪي ماڻھو آيا جن عيسيٰ کي انھن گليلين بابت ٻڌايو، جن جو رت گورنر پلاطس سندن قرباني ڪيل جانورن جي رت سان ملائي ڇڏيو ھو.
2 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھين سمجھو ٿا تہ اھي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنھگار ھئا، تنھنڪري ھنن سا اھڙو ظلم ٿيو؟
3 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آھي، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.
4 يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟
5 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“
6 عيسيٰ انھن کي ھي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي انگورن جو باغ ھو جنھن ۾ انجير جو وڻ پوکيل ھو. سو ھو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر ھن ھڪ بہ نہ لڌو.
7 تڏھن ھن مالھيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انھيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رھيو آھيان پر ھڪ بہ نہ مليو اٿم. تنھنڪري ھن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو ھروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آھي.‘
8 مالھيءَ جواب ڏنو تہ ’سائين! ھن وڻ کي ھڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ ھن جي ٻاھران چلھو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس.
9 جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، نہتہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“
10 ھڪڙي دفعي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.
11 اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي.
12 عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“
13 عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.
14 پر عبادتگاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻتہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“
15 خداوند کيس چيو تہ ”اي رياڪار! سبت جي ڏينھن ھر ڪو پنھنجي ڏاند يا گڏھہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آھي ڇا؟
16 تڏھن ھيءَ عورت جا ابراھيم جي اولاد مان آھي، جنھن کي شيطان ارڙھن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو ھو، تنھن کي سبت جي ڏينھن انھيءَ بنديخاني کان ڇڏائڻ روا نہ ھو ڇا؟“
17 عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏھن تہ ھن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري ساري خلق خوش پئي ٿي.
18 عيسيٰ پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڇا جي مثل آھي؟ ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟
19 اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جو ڪنھن ماڻھوءَ کڻي پنھنجي باغ ۾ پوکيو تہ اھو وڌي وڻ ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واھيرا ڪيا.“
20 عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟
21 اھا خميري جي مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اچي جڏھن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو، تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
22 جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانھن پئي ويو،
23 تہ ڪنھن ماڻھوءَ پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ ان کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ
24 ”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دلوجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
25 جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘
26 تنھن تي اوھين کيس چوندا تہ ’اسان اوھان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوھين اسان جي گھٽين ۾ تعليم ڏيندا ھئا.‘
27 پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘
28 پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ.
29 ماڻھو اوڀر ۽ اولھہ، اتر ۽ ڏکڻ کان ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاھت جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا.
30 جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن، سي پويان ٿيندا.“
31 ايتري ۾ فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ھتان نڪري ھليو وڃ، ڇاڪاڻتہ ھيروديس بادشاھہ تنھنجي مارائڻ جي ڪڍ آھي.“
32 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وڃو ۽ انھيءَ لومڙ کي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينھن پنھنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.
33 پر تڏھن بہ آءٌ اڄ، سڀان ۽ پرينھن پنھنجو سفر جاري رکندس، ڇالاءِجو اھو غيرواجب آھي تہ ڪو نبي يروشلم کان ٻاھر قتل ڪيو وڃي.
34 اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.
35 ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين مون کي تيستائين نہ ڏسندا جيستائين ائين نہ چوندا تہ ’سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“