1 عيسيٰ جڏھن نھاريو، تڏھن ڏٺائين تہ شاھوڪار ماڻھو ھيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنھنجا پنھنجا چندا وجھي رھيا آھن.
2 ھن ھڪ غريب رنزال کي ٻہ ننڍڙا سڪا ان پيتيءَ ۾ وجھندي ڏٺا.
3 تنھن تي ھن چيو تہ ”آءٌ توھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھن غريب رنزال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو.
4 ڇاڪاڻتہ اھي سڀيئي پنھنجي گھڻائيءَ مان چندو ڏئي رھيا ھئا، پر ھيءَ رنزال اڻھوند مان بہ پنھنجي سڀ ڪمائي وجھي رھي ھئي.“
5 ڪي ماڻھو ھيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙن نہ سھڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيو تہ
6 ”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي ھي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو، جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
7 انھن پڇيس تہ ”استاد، اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون؟ اھا ڪھڙي نشاني آھي جنھن مان خبر پوي تہ انھن ڳالھين جي ٿيڻ جو وقت اچي پھتو آھي؟“
8 عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ.
9 بلڪ جڏھن اوھين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏھن گھٻرائجو نہ، ڇوتہ اھي ڳالھيون پھريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي ھڪدم ڪين ايندي.“
10 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙھندي. بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي.
11 وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. آسمان مان ھيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاھر ٿيندا.
12 پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادتخانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.
13 ان جو نتيجو اھو نڪرندو جو اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ھڪ موقعو ملي ويندو.
14 تنھنڪري پنھنجن دلين ۾ پڪو پھہ ڪريو تہ اوھين جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا.
15 ڇاڪاڻتہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪيبہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.
16 اوھان جا ماءُپيءُ، ڀائر، مٽ مائٽ ۽ اوھان جا سڄڻ بہ اوھان کي پڪڙائيندا، بلڪ اوھان مان ڪن کي تہ مارائي بہ ڇڏيندا.
17 منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.
18 پر اوھان جو ڪو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.
19 پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“
20 ”جڏھن اوھين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آھي، تڏھن ڄاڻجو تہ سندس تباھيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آھي.
21 پوءِ جيڪي يھوديہ ۾ ھجن، سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. جيڪي شھرن جي وچ ۾ ھجن سي ٻاھر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻھراڙيءَ ۾ ھجن سي اندر شھر ۾ نہ گھڙن.
22 ڇالاءِجو اھي وير وٺڻ جا ڏينھن ٿيندا، تہ جيئن جيڪي ڳالھيون لکيل آھن سي سڀيئي پوريون ٿين.
23 افسوس آھي انھن عورتن تي جيڪي انھن ڏينھن ۾ پيٽ سان ھونديون يا ٻار ٿڻن تي ھوندن، ڇالاءِجو ھن ملڪ تي وڏي آفت ايندي ۽ ھن قوم تي غضب نازل ٿيندو.
24 انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“
25 ”سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاھر ٿيندا ۽ زمين تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي گوڙ ڪري خوف ۽ ھراس ڇانئجي ويندو.
26 جيڪي آفتون زمين تي نازل ٿيڻيون آھن، انھن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻھن جون دليون دھلجي وينديون، ڇالاءِجو آسماني گرھہ ۽ سيارہ ڏڪي ويندا.
27 پوءِ ھو ابنآدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.
28 جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“
29 عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ ۽ ٻين وڻن کي ڏسو.
30 جيئن ئي انھن ۾ پن اچن ٿا تہ اوھين سواءِ ٻڌائڻ جي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونھارو آيو ڪي آيو.
31 تھڙيءَ طرح جڏھن اوھين اھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھو تہ خدا جي بادشاھت اچڻ واري آھي.
32 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.
33 زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“
34 ”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابنآدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.
35 ڇالاءِجو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو.
36 ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابنآدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“
37 ھو ڏينھن جو روزانو ھيڪل ۾ تعليم ڏيندو ھو ۽ رات جو ٻاھر نڪري زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو ھو.
38 سڀيئي ماڻھو صبح جو سوير اٿي ھيڪل ۾ سندس ڳالھيون ٻڌڻ ايندا ھئا.