1 تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا،
2 ۽ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون ھيون. انھن ۾ مريم بہ ھئي، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي ھئي ۽ جنھن مان ست ڀوت نڪتا ھئا،
3 يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مالمتاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.
4 جڏھن شھر شھر جا ماڻھو عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا تہ ھڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ ھڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ
5 ”ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو ۽ ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جي لتاڙجي ويا ۽ پکي انھن کي چُڳي ويا.
6 ڪي داڻا وري ٽڪر تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇوتہ انھن کي ريج ڪونہ پھتو ھو.
7 ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جي انھن سان گڏ اُڀريا تن اُنھن کي اُسرڻ نہ ڏنو.
8 ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سوءڻو ڦر ڏنائون.“ اھي ڳالھيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
9 عيسيٰ کان سندس شاگردن پڇيو تہ ”ھن مثال جو مطلب ڇا آھي؟“
10 تنھن تي ھن چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آھي تہ اھي نھاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“
11 ”ھاڻي انھيءَ مثال جو مطلب ھي آھي تہ ٻج آھي خدا جو ڪلام.
12 جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي.
13 ٽڪر وارا اھي ماڻھو آھن، جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا تڏھن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ ھئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مھل ڦري ٿا وڃن.
14 جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.
15 پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“
16 ”اھڙو ڪوبہ ڪونھي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي ھيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.
17 مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ آھي جنھن جي خبر نہ پوندي ۽ جيڪا ظاھر نہ ٿيندي.
18 تنھنڪري خبردار رھو تہ اوھين ڪھڙيءَ طرح ٿا ٻڌو، ڇوتہ جنھن وٽ ڪجھہ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جنھن کي ھو پنھنجو سمجھي ٿو.“
19 عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري ھن تائين پھچي نہ سگھيا.
20 تنھن تي ڪن چيس تہ ”اوھان جي ماءُ ۽ اوھان جا ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ملڻ ٿا چاھين.“
21 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر اھي آھن جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا.“
22 ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ گھڙي آيو ۽ کين چيائين تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر ھلون.“ سو ھو ٻيڙي ڇوڙي روانا ٿيا.
23 جيئن ھو ھليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي ۽ انھن جي جان خطري ۾ ھئي.
24 تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.
25 تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“
26 پوءِ اھي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پھتا جو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آھي.
27 جڏھن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو، جنھن ۾ ڀوت ھئا. ھو ڪيترن ڏينھن کان نڪي ڪپڙا پائيندو ھو ۽ نڪي گھر ۾ رھندو ھو، پر قبرستان ۾ گذاريندو ھو.
28 جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“
29 ڇالاءِجو عيسيٰ انھيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو ھو تہ ”ھن ماڻھوءَ مان نڪري وڃ.“ اھو ڀوت اڪثرانھيءَ کي وٺندو ھو ۽ ماڻھو کيس زنجيرن ۽ ٻيڙين سان ٻڌي قابو ڪندا ھئا، پر ھو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو ھو ۽ ڀوت کيس رڻپٽ ۾ گھلي ويندو ھو.
30 عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ھن جواب ڏنو تہ ”لشڪر.“ ڇوتہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو ھو.
31 انھن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي اوڙاھہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“
32 ڀرسان ھڪڙو سوئرن جو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو. پوءِ ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي ھنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو ھن کين موڪل ڏني.
33 تنھن تي اھي ڀوت انھيءَ ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو ڌڻ لاھيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مئو.
34 مال چارڻ وارا اھو حال ڏسي وٺي ڀڳا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون.
35 تنھن تي ماڻھو اھو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اھو ماڻھو جنھن مان ڀوت نڪري ويا ھئا، سو ڪپڙا پائي پوري ھوش ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آھي. انھن سڀني کي ڊپ وٺي ويو،
36 ۽ جن اھو رنگ ڏٺو ھو، تن انھن کي ٻڌايو تہ ڪھڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.
37 گراسينين جي اوسيپاسي وارن سڀني ماڻھن کيس منٿ ڪئي تہ ”اسان وٽان ھليو وڃ،“ ڇوتہ انھن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ھو. سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي موٽي ويو.
38 جنھن ماڻھوءَ مان ڀوت نڪري ويا ھئا، تنھن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي ھلو.“ پر عيسيٰ کيس موٽائي گھر موڪليو ۽ چيائينس تہ
39 ”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪھڙي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“ پوءِ ھو موٽي ويو ۽ وڃي سڄي شھر ۾ مشھور ڪيائين تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“
40 جڏھن عيسيٰ موٽي آيو تڏھن ماڻھن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.
41 ان وقت عبادتخاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“
42 ڇوتہ ھن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنھن جي عمر اٽڪل ٻارھن ورھيہ ھئي سا مرڻ تي ھئي.پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻھو مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا.
43 اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس.
44 اھا عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين تہ انھيءَ گھڙيءَ ھن جو رت وھڻ بند ٿي ويو.
45 تڏھن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنھن ھٿ لاتو؟“ تنھن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيو تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي ڳاھٽ پيا ٿين ۽ اوھان تي ڪرن ٿا پيا.“
46 پر عيسيٰ چيو تہ ”ڪنھن تہ مون کي ھٿ لاتو. آءٌ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻتہ مون مان قدرت نڪتي آھي.“
47 جڏھن عورت ڏٺو تہ ’آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،‘ تڏھن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. ھن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪھڙي سبب ھن کيس ھٿ لاتو ۽ ڪھڙيءَ طرح ھوءَ ھڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.
48 عيسيٰ چيس تہ ”اي ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“
49 اڃا ھن ڳالھايو ئي بيٺي تہ عبادتگاھہ جي اڳواڻ جي گھر مان ڪنھن اچي يائرس کي چيو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي. ھاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“
50 پر عيسيٰ ھي ٻڌي کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک تہ ھوءَ بچي پوندي.“
54 اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“
55 تڏھن ھن ۾ وري ساھہ اچي پيو ۽ ھوءَ ھڪدم جيئري ٿي اٿي ويٺي. عيسيٰ حڪم ڏنو تہ ”ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيوس.“
56 ڇوڪريءَ جي ماءُپيءُ کي حيراني وٺي ويئي. سو عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”ھي جيڪي ڪجھہ ٿيو آھي، تنھن جي ڪنھن سان بہ ڳالھہ نہ ڪجو.“