1 محترم ٿئوفلس:ڪيترائي ماڻھو انھن ڳالھين کي لکي چڪا آھن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آھن.
2 جھڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اھي ڳالھيون پھچايون، تھڙيءَ طرح انھن بہ ھي ڳالھيون انھن کان ٻڌي لکيون، جن شروع کان ھي ڳالھيون ٿيندي ڏٺيون ۽ ڪلام جي تبليغ ڪئي.
3 تنھنڪري مون بہ اھو مناسب سمجھيو تہ ھي ڳالھيون اوھان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇوتہ مون شروع کان وٺي انھن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آھي.
4 آءٌ ھي انھيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالھين جي اوھان کي تعليم ڏني ويئي آھي، تن جي سچائيءَ جي اوھان کي پوري ڄاڻ پوي.
5 يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ ابياہ ٽولي ۾ ذڪريا نالي ھڪڙو ڪاھن ھو. سندس زال بہ ھارون جي اولاد مان ھئي، جنھن جو نالو اليشبع ھو.
6 ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا.
7 پر انھن کي اولاد ڪونہ ھو، ڇاڪاڻتہ اليشبع سنڍ ھئي ۽ ٻئي عمر ۾ پوڙھا ٿي چڪا ھئا.
8 ھڪ دفعي ذڪريا پنھنجي فرقي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪم پئي ڪيو.
9 ڪاھنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ ھو ھيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري.
10 لوبان ٻارڻ وقت ماڻھن جي سڄي ميڙ ٻاھران پئي دعا گھري.
11 لوبان ٻارڻ واري جاءِ جي ساڄي پاسي خداوند جي ھڪ ملائڪ ھن کي ڏيکاري ڏني.
12 ذڪريا ھن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ ڊڄڻ لڳو.
13 پر خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي ذڪريا! خوف نہ ڪر، تنھنجي دعا قبول پئي آھي. تنھنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنھن جو نالو يحيٰ رکج.
14 تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي ھن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا.
15 ڇالاءِجو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو.
16 ھو بني اسرائيل جي ڪيترن ئي ماڻھن کي خداوند جي پاسي ڏانھن ڦيريندو، جو ئي سندن خدا آھي.
17 ھو خدا جو پيغام الياس نبيءَ جي روح ۽ طاقت سان ڏيندو ويندو، تہ جيئن ھو پيئرن کي اولاد لاءِ دل ڏئي، نافرمانن کي وري نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي ۽ خداوند لاءِ ھڪڙي مستعد قوم تيار ڪري.“
18 تڏھن ذڪريا ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انھيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏھن تہ آءٌ پوڙھو آھيان ۽ منھنجي زال وڏيءَ عمر واري آھي؟“
19 تنھن تي ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ جبرائيل آھيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رھندو آھيان. خدا مون کي موڪليو آھي تہ تو سان ڳالھايان ۽ تو کي اھا خوشخبري ٻڌايان.
20 پر تو منھنجي پيغام تي اعتبار نہ ڪيو آھي جيڪو مقرر وقت تي سچو ٿيندو. جيئن تہ تو اعتبار نہ ڪيو آھي تنھنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اھي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ڳالھائي نہ سگھندين.“
21 ماڻھو ڏاڍي انتظار ۾ ھئا ۽ حيران ھئا تہ ذڪريا مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آھي.
22 جڏھن ھو ٻاھر نڪتو تہ انھن سان ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، جنھن مان ماڻھن کي خبر پئجي ويئي تہ ھن مقدس جاءِ ۾ رويا ڏٺي آھي. ھو ھڪ لفظ بہ نہ ٿي ڳالھائي سگھيو، سو انھن کي ھٿن جا اشارا ڏئي پيو.
23 جڏھن ھيڪل ۾ سندس خدمت جو وقت پورو ٿيو تہ ذڪريا گھر ڏانھن موٽيو.
24 ڪن ڏينھن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ پنج مھينا گھر کان ٻاھر نہ نڪتي. اليشبع چيو تہ
25 ”ھيءُ خدا منھنجي لاءِ ڪيو آھي. ھاڻي ھن مون تي مھر جي نظر ڪئي آھي ۽ ماڻھن جي مھڻن کان منھنجي جند ڇڏائي اٿس.“
26 اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇھين مھيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي شھر ناصرت ۾ موڪليو.
27 ھو ھڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جا دائود جي گھراڻي جي ھڪ شخص يوسف سان منڱيل ھئي. انھيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم ھو.
28 جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“
29 مريم ملائڪ جي پيغام تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ عجب ۾ پئجي ويئي تہ ھن جي لفظن جو مطلب ڇا آھي.
30 تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِجو خدا تو تي مھربان آھي.
31 تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج.
32 ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو.
33 ھو يعقوب جي گھراڻي تي ھميشہ حڪومت ڪندو ۽ سندس بادشاھت ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي.“
34 تنھن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ ڪنواري آھيان تہ پوءِ ھي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“
35 ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.
36 ڏس پنھنجي مائٽياڻي اليشبع کي، جنھن لاءِ چيو ويندو ھو تہ ھوءَ سنڍ آھي. پر کيس ھاڻي ڇھون مھينو پيٽ آھي، جيتوڻيڪ ھوءَ وڏي عمر واري آھي.
37 ڇالاءِجو اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاھر ھجي.“
38 تڏھن مريم چيو تہ ”آءٌ خدا جي ٻانھي آھيان، شل ائين ئي ٿئي جيئن توھان چيو.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس ھليو ويو.
39 تنھن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يھوديہ جي ھڪڙي شھر ڏانھن ويئي.
40 ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين.
41 جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي.
42 ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ.
43 مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟
44 ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.
45 تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“
46 مريم چيو تہ”منھنجي دل خداوند جي ساراھہ ڪري ٿي،
47 ۽ منھنجو روح خوش ٿئي ٿو،ڇوجو خدا منھنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.
48 ھن مون تي نظر ڪئي آھي،پنھنجي ھڪ خسيس ٻانھيءَ مثل.اڄ کان پوءِ سڀ پيڙھيونمون کي سڀاڳي سڏينديون،
49 ڇالاءِجو قادر مون سان وڏو وڙ ڪيو آھي.ھن جو نالو پاڪ آھي.
50 ھو انھن تي پيڙھي بہ پيڙھي رحم ڪري ٿو،جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.
51 ھن پنھنجي ٻانھن جو زور ھلايو آھي،۽ جيڪي پنھنجن خيالن تي فخر ڪن ٿا،تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.
52 ھن شاھن کي شاھيءَ تان ڪيرايو آھي۽ نيچن کي اوچو ڪيو آٿس.
53 ھن بکايلن کي سٺين شين سان ڍائي ڇڏيو آھي۽ شاھوڪارن کي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو آٿس.
56 مريم اليشبع سان اٽڪل ٽي مھينا گڏ رھي ۽ پوءِ گھر موٽي آئي.
57 اليشبع جي پيرن لھڻ جو وقت ٿيو ۽ ھن پٽ ڄڻيو.
58 ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.
59 جڏھن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينھن گذريا تہ اھي ٻار جي سنت ڪرڻ لاءِ آيا ۽ مرضي ھين تہ سندس نالو پيءُ جي نالي پويان ذڪريا رکيو وڃي.
60 پر ھن جي ماءُ چيو تہ ”نہ، ھن کي يحيٰ سڏيو وڃي.“
61 تنھن تي انھن چيس تہ ”اھڙي نالي سان تہ توھان جو ڪوبہ مائٽ نہ آھي.“
62 پوءِ ھنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ ھو ڇوڪري جو ڪھڙو نالو رکڻ گھري ٿو.
63 ذڪريا انھن کان تختي گھري ۽ ان تي لکيائين تہ ”ھن جو نالو يحيٰ آھي.“ تنھن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا.
64 جلد ئي ذڪريا جي زبان کلي پئي. ھو ڳالھائڻ لڳو ۽ خدا جي ساراھہ ڪيائين.
65 جيڪي اوسيپاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون.
66 جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي.
67 يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ
68 ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ساراھہ جڳائي،ڇالاءِجو ھن پنھنجي قوم تي نظر ڪريکين ڇوٽڪارو ڏنو آھي.
69 پنھنجي ٻانھي دائود جي گھراڻي ماناسان لاءِ سگھارو ڇوٽڪارو ڏيندڙ موڪليو اٿس،
70 جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي،پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو،
71 تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي،جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.
72 ھن پنھنجي واعدي موجب،اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.
73 جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو
74 تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون،
75 ۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھنپاڪ ۽ نيڪ ھجون.
76 تون، اي منھنجا ٻچا!خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين.تون خداوند جي آڏو ھلندينتہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،
77 انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کيڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائينتہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا.
78 ڇالاءِجو اسان جو خدارحم ۽ ٻاجھہ وارو آھي.ھو آسمان مان پرھہ ڦٽي جي روشنياسان تي نازل ڪندو،
79 جيڪا انھن تي چمڪنديجيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“
80 اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين.