1 عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي،
2 جتي شيطان ھن کي آزمايو. انھن ڏينھن ۾ ھن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏھن اھي ڏينھن گذري ويا تہ پوءِ ھن کي بک لڳي.
3 تنھن تي شيطان چيس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھن پھڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.“
4 عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي.‘“
5 پوءِ شيطان کيس ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ ھڪ پل ۾ دنيا جون مڙيئي بادشاھتون ڏيکاريائينس.
6 شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انھن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس ڇوتہ اھو مون تي ڇڏيل آھي تہ جنھن کي چاھيان تنھن کي ڏيان.
7 سو جيڪڏھن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اھو سڀ ڪجھہ تنھنجو ٿيندو.“
8 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
9 تنھن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ڪيراءِ،
10 ڇالاءِجو اھو لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنھنجي سنڀال ڪندا.
11 اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا تہ جيئن تنھنجو پير پٿر تي نہ لڳي.‘“
12 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ھي لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“
13 پوءِ جڏھن شيطان عيسيٰ کي ھر طرح سان آزمائي چڪو تہ ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس ھليو ويو.
14 پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي.
15 ھن عبادتخانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.
16 پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادتخاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.
17 کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ ھن اھو ھنڌ کوليو جتي لکيل ھو تہ
18 ”خداوند جو روح مون سان آھي،ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِمون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس.ھن مون کي موڪليو آھي تہقيدين جي رھائيءَ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان.۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،
19 ۽ اعلان ڪريان تہخداوند جي مھربانين جو سال آيو آھي.“
20 پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويھي رھيو. عبادتخاني ۾ سڀيئي ھن کي چتائي ڏسن پيا.
21 تڏھن ھنن کي ٻڌايائين تہ ”اڄ اوھان جي ٻڌندي ئي ھيءَ لکت پوري ٿي آھي.“
22 سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“
23 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“
24 تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي.
25 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنونزالون ھيون،
26 پر الياس نبيءَ کي پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انھن مان ڪنھن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارفت شھر ۾ رھندڙ ھڪ رنزال وٽ ئي موڪليو ويو.
27 اليشع نبيءَ جي ڏينھن ۾ اسرائيل ۾ ڪيترائي ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا ھئا پر انھن مان ڪنھن کي بہ شفا ڪانہ ملي، بلڪ رڳو نعمان شاميءَ کي ملي.“
28 اھي ڳالھيون ٻڌندي ئي جيڪيبہ عبادتخاني ۾ ھئا، سي سڀيئي ڏاڍا ڪاوڙيا،
29 ۽ اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گھلي شھر کان ٻاھر ڪڍيائون. جنھن ٽڪريءَ تي سندن شھر ٻڌل ھو، تنھن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان اڇلائينس.
30 پر ھو انھن جي وچ مان ئي نڪري پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو.
31 ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينھن تي ماڻھن کي تعليم پئي ڏنائين.
32 اھي سڀيئي ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻتہ ھن جو ڪلام ائين ھو جيئن ڪو اختيار وارو ڳالھائي.
33 عبادتخاني ۾ ھڪڙو ماڻھو ھو جنھن تي ڪنھن ڀوت جو پاڇو ھو، تنھن وڏي رڙ ڪري چيو تہ
34 ”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“
35 تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.
36 تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِجو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“
37 اوسيپاسي واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي ھاڪ پئجي ويئي.
38 عيسيٰ عبادتخاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار ھو، سو ھنن اُن جي لاءِ چيس.
39 ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.
40 سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.
41 ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻتہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.
42 جڏھن ڏينھن ٿيو تہ ھو نڪري ھڪڙي ويران ھنڌ تي آيو. ماڻھن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ جھلڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“
43 پر ھن انھن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ٻين شھرن ۾ بہ ڪرڻي آھي. ڇالاءِجو آءٌ انھيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آھيان.“
44 ھو سڄي ملڪ جي عبادتخانن ۾ تبليغ ڪندو رھيو.