1 عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا.
2 ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.
3 ياد رکو تہ جيڪڏھن اوھان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ اوھان جو گناھہ ڪري تہ کيس ھدايت ڪريو ۽ جيڪڏھن ھو توبھہ ڪري تہ بخشوس.
4 جيڪڏھن ھو ڏينھن ۾ ست دفعا اوھان جو گناھہ ڪري ۽ اوھان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’آءٌ توبھہ ٿو ڪريان‘ تہ اوھان کي کيس بخشڻ کپي.“
5 عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌاءِ.“
6 خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“