12 آءٌ ھفتي ۾ ٻہ ڏينھن روزو ٿو رکان ۽ پنھنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿو ڪريان.‘
13 پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘
14 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پھريون نہ، پر ھي ٻيو ماڻھو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇالاءِجو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
15 ڪي ماڻھو پنھنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي. پر جڏھن شاگردن ھي ڏٺو تہ ھو انھن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا ھئا.
16 عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻتہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.
17 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان ٿو تہ جيڪوبہ ٻار وانگر خدا جي بادشاھت قبول نہ ڪندو سو ڪڏھن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
18 ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“