18 ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“
19 عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.
20 تو کي حڪمن جي خبر آھي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاھدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنھنجي ماءُپيءُ جي عزت ڪر.‘“
21 ھن چيو تہ ”انھن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رھان.“
22 عيسيٰ جڏھن ھي ٻڌو، تڏھن چيائينس تہ ”اڃا تو ۾ ھڪڙي گھٽتائي آھي، تہ جيڪيبہ اٿئي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورھائي ڇڏ، تہ تو کي بھشت ۾ خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
23 پر ھن جڏھن اھو ٻڌو تہ ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻتہ ھو ڏاڍو شاھوڪار ماڻھو ھو.
24 عيسيٰ ڏٺو تہ ھو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آھي، تڏھن چيائين تہ ”شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏو نہ مشڪل آھي!